استاد نياز احمد خان

استاد نياز احمد خان

استاد نياز احمد خان

استاد نياز احمد خان (موسيقار): سنڌ جي مشهور موسيقار نياز احمد خان، ڊسمبر 1942ع ڌاري هندستان جي شهر مظفر نگر ۾ استاد سجاد احمد جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق موسيقيءَ جي مشهور ’ڪرانه‘ گهراڻي سان آهي. نياز احمد خان جو نانو، استاد عبدالڪريم خان برصغير جو پهريون ڪلاسيڪي ڳائڻو ٿي گذريو آهي، جنهن جو مجسمو هندستان جي هڪ ميوزم ۾ يادگار طور رکيو ويو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ نياز احمد خان جو ڪٽنب پاڪستان ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن تعليم سان گڏ فن موسيقيءَ جي سکيا جاري رکي. سندس پهريون استاد عبدالشڪور ’ڪرانه‘ وارو هو. نياز احمد ڏهن سالن جي عمر کان وٺي فني سکيا ورتي ۽ جوانيءَ تائين هڪ موسيقار طور پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو. پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي عظيم موسيقارن ۾ نياز احمد خان پهرينءَ صف ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. هن سنڌي فلمن ۾ اڪوڊين پليئر طور به پاڻ مڃايو. زندگيءَ جا 50 سال موسيقيءَ ۽ ڪمپوزيشن کي ارپيندڙ هن موسيقار کي صدارتي اوارڊ ۽ پي. ٽي. وي جا 27 اوارڊ ملي چڪا آهن. هن ڪيترن گلوڪارن ۽ گلوڪارائن کي پنهنجي ڪمپوزيشن ذريعي شهرت بخشي، ننڍي کنڊ جي عظيم قوال ۽ موسيقار نصرت فتح علي خان به هڪ قومي نغمو نياز احمد خان جي ڪمپوزيشن ۾ ڳاتو هو. ان کانسواءِ مهدي حسن، نور جهان، مهناز، سجاد علي، محمد علي شهڪي، غلام علي خان، گلبهار بانو، علڻ فقير ۽ عالمگير پڻ نياز احمد جون تيار ڪيل ڌنون ڳائي، شهرت ماڻي. استاد نياز احمد خان جون ڪجهه مشهور ڌنون هي آهن:
(1) ميرا پيغام پاڪستان (استاد نصرت فتح علي خان)، (2) ڪُو بڪُو ڦيل گئي بات (مهدي حسن خان)، (3) نيناري نينا (نور جهان)،
(4) جتني آنکين اڇي (محمد يوسف)، (5) نه هم سمجهي نه تم سمجهي (غلام علي خان)، (6) اتني بڙي جيون ساگر ۾ (علڻ فقير)، (7) يه شام اور تيرا نام (عالمگير) ۽ (8) يه ڪيسا بنڌن هي (مهناز).
2 جولاءِ 2013ع تي سنڌ راڳي ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران نياز احمد خان سان حيدرآباد ۾ هڪ شام ملهائي سندس فن جي قدرداني ڪئي وئي.


لفظ استاد نياز احمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو